شيوا جي کٽيو، پر

شيوا جي کٽيو، پر

شيوا جي کٽيو پر

شيوا جي کٽيو، پر...! (ڪتاب): تاريخي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور اديب گنگارام سمراٽ آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل سورنهن مضمون ڏنل آهن، جن ۾: پنهنجي راڄڌاني دهلي، شيوا جيءَ کٽيو پر....، سنڌ جا عرب اتهاس ليکڪ، وير شاستر، ريشمي ڪپڙي جو اتهاس، پراچين ڀارت جون يونيورسٽيون، اسين سڀ آباد آهيون، وشو جنتريءَ جو اتهاس، دسهڙي جي اصليت، عرب ۾ سنڌ ۽ هند جا سنسڪرت عالم، اورنگزيب جا خط، جند نيندڙ بد رسمون، ارونگزيب جو وصيت نامو، سڪي جو اتهاس، ايوان جو مها ڪوي فردوسي، سنڌي ساهتيه ۾ شرنگار رس وغيره شامل آهن. ڪتاب ۾ ‘سمپادڪ جو قلم’ جي سري سان شيام رامرکياڻيءَ جا ٻه اکر پڻ شامل آهن.
ڪرائون سائيز جي 194 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڪويتا ساهتيه مالها، سهجپور بوگها، احمد آباد، آگسٽ 1985ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو